بيبي مريم جو قبو

بيبي مريم جو قبو

بيبي مريم جو قبو

بيبي مريم جو قبو: بيبي مريم نالي اهل الله عورت سان منسوب هيءُ مقبرو هڪ قديمي قبرستان ۾ اڪريءَ کان 20 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. مقبرو مڪمل طور نئون جوڙيو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته بيبي مريم نالي عورت جي مزار ۽ پراڻو زبون حال مقبرو هتي پهرين موجود هو. هتي بي بيءَ جي مزار جي زيارت ڪرڻ لاءِ فقط عورتن کي ئي اجازت هوندي آهي. مقامي ماڻهو مزار سان ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ روايتون جوڙين ٿا.
مقبرو وارياسي هنڌ تي پڪين سرن جي قبرن سان وڪوڙيل آهي. قبرستان ۾ موجود قبرون آڳاٽيون معلوم ٿين ٿيون. جيڪي چوڪي جي سرن سان ٻڌل آهن. مقبرو سادو تعمير ڪيل آهي. گولائيءَ ۾ حجرو ۽ ان تي گول گنبذ تعمير ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺو، ڇوڪاٺي ۾ ڪاٺ جو دروازو ڏنل آهي. مقبري جي گنبذ تي عَلَمُ لڳل آهي. مقبري جي عمارت سيمنٽ ۽ پڪين سرن تي تعمير ٿيل آهي. سڄي مقبري کي سائو رنگ ڪيو ويو آهي. (2011ع) مقامي ماڻهو مقبري جي چڱي سنڀال ڪن ٿا. اندر سيمنٽ سان ٻڌل ٿلهي تي هڪ قبر آهي. هتي موجود قدرتي طور پاڻيءَ جي هڪ ننڍي تلاءُ ۾ سدائين پاڻي موجود رهي ٿو. جنهن ۾ وهنجڻ سان ماڻهن مان چمڙيءَ جون بيماريون ختم ٿين ٿيون. ماڻهن جو عقيدو آهي ته بيبي مريم جي ڪرامت سان ان تلاءَ جي پاڻي ۾ اهڙي شفا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو